شيخ حبيب الله ماستر

شيخ حبيب الله، ماستر: ماستر حبيب الله 1862ع ڌاري پراڻي سکر ۾ جنم ورتو. سندس والد عبدالله بکري پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. سندس وڏا اصل ۾ هندو هئا، جيڪي خيرپور رياست جا رهاڪو هئا. هن خاندان جي جد اعلى ليلارام اسلام قبول ڪيو. سندس اسلامي نالو ڏاتر ڏنو هو، جو ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ننڍي عهدي تي فائز هو. ملان عبدالله سندس چوٿين پيڙهيءَ مان هو. ماستر حبيب الله شروعاتي تعليم فارسي ۽ عربي شاهه خيرالدين گيلانيءَ جي مڪتب جامع ۾ ورتي، بعد ۾ سرڪاري سنڌي اسڪول نئين سکر ۾ داخل ٿيو. ان بعد سکر جي وڏي بزرگ مولانا عبدالرحمان کان تعليم وٺي سکر مين اسڪول ۾ سنڌي ماستر طور مقرر ٿيو. استاد جي حيثيت سان هن تمام گهڻي محنت ڪري ٻارن کي پڙهايو، سندس محنتن کي ڏسي جلد ترقي ڏئي کيس هيڊماستر مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي رهندي هن محنت ۽ سچائيءَ سان انتظام سنڀاليو. ان دوران 96-1895ع ڌاري پکڙيل بيماري طاعون (پليگ) ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي وس آهر ماڻهن جي مدد ڪيائين، جنهنڪري کيس مقامي سطح تي عوامي ليڊر تسليم ڪيو ويو ۽ نامور سماجي اڳواڻ شيخ سليمان جو مددگار ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هي وقت ۽ اصولن جو پابند ۽ پنهنجي مقصد سان سچو هو. شيخ حبيب اللهاخبار الحق’ کي سڌاري سکر مان جاري ڪيو. سکر مدرسي جي رٿا ۽ عيدگاهه جي تعمير لاءِ چندو گڏ ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهيو ۽ آخري وقت تائين عيدگاهه جو متولي ٿي رهيو. عيدگاهه جي اتر وارو عاليشان دروازو هن پنهنجي خرچ سان ٺهرايو. ماستر حبيب الله مدرسي بورڊ جو ميمبر به رهيو. 1935ع ۾ خانبهادر پير بخش جي وفات کانپوءِ انتظامي ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ بعد ۾ بورڊ جو چيئرمئن به ٿيو. ماستر حبيب الله گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، جنهنڪري هر طبقي جو ماڻهو سندس وڏي عزت ڪندو هو. جڏهن 1919ع ۾ خانبهادر محمد ابراهيم وزير خيرپور آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشن ڪانفرنس جو اجلاس خيرپور ۾ گهرايو ته ان ۾ شرڪت لاءِ سکر ضلعي پاران هن کي نمائندو ڪري موڪليو ويو. هو خداشناس ۽ صوفي منش انسان هو. صوفي بزرگن اوليائن سان وڏي عقيدتمندي هئس. هندستان جي ڪيترن ئي اوليائن جي درگاهن جي زيارت ڪيائين. سنڌ جي صوفي بزرگن سخي قبول محمد سجاده نشين درگاهه سچل سرمست راڻيپور، مولانا عبدالغفور همايوني، پير پاڳاري ۽ هالا جي مخدومن سان سندس سٺا تعلقات هئا. پاڻ آخري وقت ۾ حج به ڪري آيو. ان بعد گوشه نشينيءَ واري زندگي اختيار ڪيائين. هن فقير صفت خدائي خدمتگار 1937ع ۾ وفات ڪئي. کيس سکر اسٽيشن جي اتر اڀرندي طرف ٽڪريءَ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو